رہبر معظم انقلاب اسلامی جو بیت الله الحرام جی زائرین لاءِ پیغام

رہبر معظم انقلاب اسلامی جو بیت الله الحرام جی زائرین لاءِ پیغام
بسم اللھ الرحمن الرحیم
و الحمد للّه ربّ العالمین و الصّلاة و السّلام علی خیر البریّة سیّدنا محمّدٍ المصطفی و آله الطّیّبین و صحبه المنتجبین و من تبعهم باحسان الی یوم الدّین.
دل کی موهیندڙ ابراھیمی ٻول، جیڪو خدا جی حڪم سان حج جی موسم ۾ سڀنی ماڻهن کی ڪعبی ڏانهن سڏی ٿو، هن سال به هن توحید ۽ اتحاد جی بنیاد سڄی دنیا جی ڪیترن ئی مسلمانن جی دلین کی پنهنجی طرف متوجه ڪیو. هن مختلف ماڻهن جی ھڪ شاندار ۽ متنوع میڙ کی وجود ۾ اندو آھی ۽ اسلام جی انسانی وسیلن جی وسعت ۽ ان جی روحانی قوت کی پنھجن ۽ ٻین جی سامهون واضح ڪیو آهی.
حج جی وڏی اجتماع ۽ پیچیده رسمن کی، جڏهن به غور سان ڏٺو وڃی ٿو ته مسلمان لاءِ طاقت ۽ اعتماد جو سرچشمو آهی، ۽ دشمن ۽ بدخواهن لاءِ خوف ۽ ھیبت جو سبب آھی.
اسلامی امت جا دشمن ۽ بدخواه جیڪڏهن حج جی فریضه جی انهن ٻن پهلوئن کی تباهه ۽ مشڪوڪ بڻائین، یا مذهبی ۽ سیاسی اختلافن کی اجاگر ڪرڻ ڪوشش ڪن، یا مقدس ۽ روحانی پهلوئن کی گهٽ ڪن ته تعجب جی ڳالهه ناهی.
قرآن مجید حج کی بندگی، ذڪر ۽ تواضع جو مظهر، انسانن جی برابری جو مظهر، انسانی مادی ۽ روحانی زندگیءَ جی تنظیم جو مظهر، نعمت ۽ هدایت جو مظهر ۽ اخلاقی امن جی مظهر طور متعارف ڪرایو آهی. ۽ ڀائرن جی وچ ۾ عملی سمجهوتو، ۽ دشمنن جی خلاف نفرت ۽ طاقتور محاذ جی طور بیان ڪری ٿو.
حج سان لاڳاپیل آیتن تی غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ ان منفرد فرض جی عملن ۽ رسمن تی غور ڪرڻ سان اسان کی حج جی پیچیدگیءَ ۾ اهڙن ئی رازن کی ظاهر ڪری ٿو.
توهان، حاجی ڀاءُ ۽ ڀیڻ، هاڻی انهن سچن ۽ پرفیض علمن تی عمل ڪرڻ جی میدان ۾ آهیو. پنهنجی سوچ ۽ عمل کی ان جی ویجھو آڻیو، ۽ انهن عظیم تصورن سان ملیل سڃاڻپ کی واپس پنھنجی گھر آڻیو. هی توهان جی حج جی سفر جی قیمتی ۽ حقیقی سوکڙی آهی.
هن سال، برائت جو مسئلو ماضی جی ڀیٽ ۾ وڌیڪ نمایان آهی. غزه جا سانحات، جیڪی اسان جی ھن همعصر تاریخ ۾ بی مثال آهن، ۽ بی رحم صهیونی حڪومت جی غرور ۽ ظلم ۽ بربریت جی مجسمی ۽ یقیناً جیڪا پنھنجی زوال جی طرف وڃی رھی آھی، ڪنهن به فرد، جماعت، حڪومت، فرقی یا ڪنھن مسلمان جی لاءِ ڪنهن به قسم جی رواداری جی گنجائش نه ڇڏی آهی. هن سال برائت جی اھا رسم حج جی موسم ۽ میقات کان پوءِ سڄی دنیا جی مسلمان آبادی وارن ملڪن ۽ شهرن ۾ جاری رهڻ گهرجی ۽ حاجن کان گڏ ھر عام ماڻهو تائین ان کی ڦهلائڻ گهرجی.
ان برائت کی صهیونی حڪومت ۽ ان جی حامی خاص ڪری آمریڪا جی حڪومت جی خلاف پنھنجی قول ۽ فعل ۾ سڀ اقوام عالم ۽ حڪومتن کی پاڻ ظاهر ڪرڻ گهرجی ۽ قاتلن لاءِ میدان تنگ ڪرڻ گهرجی.
فلسطین جی مضبوط مزاحمت ۽ غزه جی مظلوم ۽ صابر عوام، جن جی صبر ۽ مزاحمت جی عظمت کی دنیا ساراهیو آهی، انهن جی هر طرح سان حمایت ڪئی وڃی.
مان خدا کان دعا گهران ٿو ته انهن کی مڪمل ۽ جلد فتح نصیب ٿئی، ۽ مان توهان محترم حجاج لاءِ جی حج جی قبولیت لاءِ دعاگو آھیان. حضرت بقیع اللھ (روحی فداه) جی مقبول دعا اوهان جی پٺڀرائی ڪری.
والسّلامعلیکمورحمةاللّه
سید علی خامنه ای
4 ذیالحجّة 1445
11 جون 2024